بجيٽ کان اڳ حڪومت کي وڏو ڌڪ، آئيني عدالت پولٽري فيڊ ملن تي 4 سيڪڙو اضافي ٽيڪس غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي آئيني عدالت حڪومت کي روينيو جي مد ۾ وڏو ڌڪ ڏيندي پولٽري فيڊ ملن کان 4 سيڪڙو اضافي ٽيڪس جي وصولي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهيآئيني عدالت غير رجسٽرڊ پولٽري فارمن کي فيڊ فراهم ڪرڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس قانون جي سيڪشن 31-اي ۾ ابهمي موجود آهي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻن رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالتي فيصلي موجب حڪومت فنانس ايڪٽ 2024 تحت غير رجسٽرڊ پولٽري فارمن کي فيڊ فراهم ڪندڙ ملن تي 4 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو هو. جڏهن ته قانون موجب پولٽري فارمن کي ٽيڪس کان استثنا حاصل آهي، تنهنڪري اهي رجسٽريشن جا پابند ناهن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن قانون پولٽري فارمن کي رجسٽريشن کان آجو قرار ڏئي ٿو ته غير رجسٽرڊ هجڻ جي بنياد تي پولٽري فارمن يا فيڊ ملن کي سزا نٿي ڏئي سگهجي. عدالت قرار ڏنو ته قانون غير رجسٽرڊ پولٽري فارمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو.وفاقي آئيني عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو پڻ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ پولٽري فيڊ ملن کان 4 سيڪڙو اضافي ٽيڪس جي وصولي کي درست قرار ڏنو ويو هو. ياد رهي ته پولٽري فيڊ مل مالڪن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف آئيني عدالت سان رجوع ڪيو هو.

پنھنجي راءِ لکو