شادي جي 40 ڏينهن بعد نئين ڪنوار قتل، مڙس گرفتار، والد جو انصاف لاءِ مطالبو

اوستا محمد: بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي شادي جي صرف 40 ڏينهن بعد 20 ورهين جي نئين ڪنوار کي مبينا طور سندس مڙس پنهنجي ڀائرن سان گڏجي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب مقتولا جي چهري، هٿن ۽ ڳچيءَ تي تشدد جا واضح نشان مليا آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ڪارروائي ڪندي مقتولا جي مڙس کي واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.مقتولا صفيا جي والد تاجل پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس ڌيءَ کي ڪوڙو الزام هڻي “ڪاري” قرار ڏئي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. هن چيو ته ڌيءَ جي قتل کان پوءِ به جوابدار ۽ سندن ساٿي کين ڪيس واپس وٺڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن.مقتولا جي والد اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته سندس ڌيءَ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي خاندان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ هر رخ کان جاچ جاري آهي. پوليس موجب فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.واضح رهي ته ڪنهن به فوجداري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو حتمي فيصلو عدالت قانوني ڪارروائي ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪندي آهي

پنھنجي راءِ لکو