آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ بعد ايران تي آمريڪي فضائي حملا، سينٽڪام جي تصديق

آمريڪي فوج آبنائي هرمز ڀرسان آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ واري واقعي کان پوءِ ايران خلاف فضائي حملا مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (United States Central Command) موجب اهي حملا صدر Donald Trump جي هدايت تي ڪيا ويا.سينٽڪام موجب هي ڪارروائيون آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر جي تباهيءَ جي جواب ۾ ڪيون ويون، جنهن کي آمريڪا “متناسب ردعمل” قرار ڏنو آهي. حملن دوران ايراني فضائي دفاعي نظام، زميني ڪنٽرول اسٽيشنن ۽ ريڊار سائيٽن کي نشانو بڻايو ويوآمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود سندس فوجون مڪمل طور تي چوڪس آهن ۽ ڪنهن به ممڪن ايراني جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ميڊيا ساحلي شهر Sirik ۾ ميزائل حملي جي خبر ڏني آهي، جڏهن ته Qeshm Island، Bandar Abbas ۽ Hormozgan Province ۾ پڻ ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن.واضح رهي ته هيليڪاپٽر جي تباهي بابت مختلف رپورٽون سامهون آيون آهن؛ ڪجهه آمريڪي بيانن ۾ ايران تي الزام لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه فوجي ذريعن موجب واقعي جي جاچ اڃا جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو