ايران جو دعويٰ: آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ اردن ۾ آمريڪي هدفن تي ڊرون ۽ ميزائل حملا

ايران جي پاسدارانِ انقلاب (Islamic Revolutionary Guard Corps) جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ هنن خطي ۾ آمريڪي تنصيبات کي نشانو بڻايو آهي۔ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب Bahrain ۾ موجود آمريڪي بحري جهازن جي فليٽ (U.S. Fifth Fleet) ۽ Jordan ۾ هڪ هوائي اڏي تي ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪيا، جتي آمريڪي فوجي اهلڪار موجود هئا۔ٻئي پاسي Jordan Armed Forces چيو آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل 5 ميزائلن کي فضا ۾ ئي روڪي تباهه ڪيو ويو. اهي ميزائل صوبي زرقاء جي علائقي Al-Azraq کي نشانو بڻائي رهيا هئا۔اردني فوج موجب ميزائلن جا ڪجهه ٽڪرا زمين تي ڪريا، پر ڪنهن به قسم جو جاني نقصان يا وڏي مالي تباهي نه ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته باقي بچيل ملبو صاف ڪرڻ ۽ ممڪن خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي انجنيئرنگ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن۔
اردني فوج وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ جون هٿياربند فوجون مڪمل الرٽ تي آهن ۽ فضائي حدن جي ڪنهن به خلاف ورزي جو سخت جواب ڏنو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو