شاهه لطيف ٽائون ڪراچي ۾ رينجرز جي وڏي ڪارروائي، گهربل دهشتگرد جاويد علي خان عرف سواتي گرفتار

ڪراچي: سنڌ رينجرز شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل گهربل دهشتگرد جاويد علي خان عرف سواتي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدار ضلعي سوات جو رهواسي آهي ۽ تازو شڪردره سوات ۾ ٿيل دهشتگرد حملي ۾ ملوث رهيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار 7 جون 2026ع تي پنهنجي ساٿين سان گڏ مقامي آبادي تي راڪيٽ لانچر ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ ٽي شهري فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا هئا.ترجمان موجب واقعي کان پوءِ جوابدار ڪراچي فرار ٿي آيو، جتي هو روپوش رهندي نئين دهشتگرد نيٽ ورڪ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رينجرز جو چوڻ آهي ته جوابدار 2007ع کان مختلف دهشتگرد سرگرمين ۾ شامل رهيو آهي ۽ ماضي ۾ اسڪولن، پوليس چوڪين ۽ ٻين سرڪاري هنڌن تي حملن ۾ به ملوث رهيو آهي.ترجمان موجب سال 2008ع ۾ فوجي آپريشن دوران جوابدار لڪي ويو هو ۽ بعد ۾ ايران هليو ويو. هو 2022ع ۾ واپس پاڪستان آيو ۽ ٻيهر سرگرم ٿيو. گرفتار ٿيل جوابدار کي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ سي ٽي ڊي سوات حوالي ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو