راولاڪوٽ ۾ اڳوڻي فوجي اهلڪار جي پٽ جي مبينا اغوا ۽ تشدد جو الزام، خاندان طرفان فوري بازيابي جو مطالبو

آزاد ڪشمير جي علائقي راولاڪوٽ ۾ هڪ واقعي بابت اڳوڻي رٽائرڊ فوجي اهلڪار نسيم ڪيانِي الزام لڳايو آهي ته سندس پٽ دلاور ڪيانِي کي مبينا طور تي هڪ تنظيم سان منسوب ڪجهه ماڻهن تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔نسيم ڪيانِي موجب واقعي کان پوءِ سندن خاندان سخت پريشاني ۾ آهي ۽ هنن لاڳاپيل اختيارين کان فوري ڪارروائي ۽ مغوي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سندن گهرڀاتين کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون پڻ مليون آهن۔مغوي جي ڀاءُ پڻ ٻڌايو آهي ته دلاور ڪيانِي جو اڃا تائين ڪو پتو نه لڳي سگهيو آهي۔ خاندان جو اهو به دعويٰ آهي ته مبينا طور تي سندن موبائل فون مان ذاتي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن۔خاندان حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ مغوي کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو