بنون ۾ ٻه ڌماڪا، 7 ڄڻا فوت، 3 سخت زخمي

خيبر پختونخوا جي ضلعي بنوں ۾ لڳاتار ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن۔پوليس موجب ٿاڻي احمد زئي جي حدن اندر برغنتو واري علائقي ۾ پهريون ڌماڪو مسافرن سان ڀريل وين جي ويجهو ٿيو، جنهن سبب گاڏي کي سخت نقصان پهتو۔ ضلعي پوليس آفيسر ياسر آفريدي ٻڌايو ته جڏهن امدادي ڪارروائي شروع ٿي ۽ زخمين کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻي گاڏي واقعي واري هنڌ پهتي ته دهشتگردن ٻيو ڌماڪو ڪري ڇڏيو۔واقعي کان پوءِ ريسڪيو ٽيمن ۽ سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي علائقي ۾ پهچي فوتين جا لاش رورل هيلٿ سينٽر ۽ زخمين کي خليفه گل نواز اسپتال منتقل ڪيو۔بم ڊسپوزل يونٽ جي ابتدائي رپورٽ موجب ٻنهي ڌماڪن ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائيس استعمال ڪئي وئي، جڏهن ته مجموعي طور لڳ ڀڳ 50 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو۔سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوی ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ هن متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ انسانيت خلاف انتهائي وحشياڻو عمل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو