سينيٽ جي آءِ ٽي بابت قائمہ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشہ خان چيو آهي ته ڪنیکٽي ويٽي جي نالي تي عوام جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي۔اي آر وائي نيوز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ سينيٽ جي قائمہ ڪميٽي براءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اجلاس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن (تنظيم نو) ترميمي بل پيش ڪيو ويو هو۔ بل جي مختلف شقن تي ڪميٽي طرفان سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو۔سينيٽر پلوشا خان چيو ته ماهرن جي راءِ ۽ صلاح مشوري کان سواءِ هن بل جي منظوري ممڪن ناهي۔ هن وڌيڪ چيو ته هوءَ بل بابت کليل عوامي ٻڌڻي (پبلڪ هيرنگ) ڪرائڻ چاهي ٿي ته جيئن سڀني لاڳاپيل ڌرين جي راءِ حاصل ڪري سگهجي۔هن اهو سوال پڻ اٿاريو ته قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ کان پوءِ هي بل سينيٽ تائين ڪيئن پهتو، جنهن بابت وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي۔
