اسلام آباد: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ وچ اوڀر ۾ جنگ جي خدشن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن تي پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
نامياري معاشي ماهر فرخ سليم هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته عالمي سطح تي تيل جون قيمتون عام طور طلب ۽ رسد موجب طئي ٿينديون آهن، پر موجوده جيو پوليٽيڪل صورتحال ۽ جنگي خدشن سبب “وار پريميم” قيمتن ۾ واڌ جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته جولاءِ جي شروعات ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 70 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا هاڻي وڌي 85 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي.
هوڏانهن پاڪستان ۾ تازي واڌ کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 310.71 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 323.30 رپيا في ليٽر ٿي چڪي آهي. حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جو روزاني بنيادن تي تعين ڪرڻ واري نظام تي به غور ڪري رهي آهي، جنهن جي لاڳو ٿيڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ روزاني تبديليون سڌو سنئون ملڪي قيمتن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون.
