ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غريب ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ مستحق خاندانن کي مفت سولر هوم سسٽم فراهم ڪرڻ واري منصوبي تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
اعليٰ سطحي جائزي واري اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن منصوبي تحت سڄي سنڌ ۾ 2 لک 75 هزار مستحق خاندانن کي مفت سولر هوم سسٽم فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن جو مقصد گهٽ آمدني وارن گهرن کي سستي ۽ پائيدار توانائي مهيا ڪرڻ آهي.
وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سولر سسٽمن جي ورڇ ۽ انسٽاليشن جو عمل تيز ڪيو وڃي، جيئن بجلي کان محروم ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي جلد رليف ملي سگهي.
سيد مراد علي شاهه زور ڀريو ته سولر ڪِٽن جي ورڇ مڪمل شفافيت ۽ انصاف سان ڪئي وڃي، جڏهن ته بجلي کان محروم ۽ پٺتي پيل علائقن جي مستحق خاندانن کي اوليت ڏني وڃي.
هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ سولر سسٽمن جي معياري انسٽاليشن، فني سهائتا ۽ بعد واري سار سنڀال لاءِ به مضبوط نظام جوڙيو وڃي.
