راولپنڊي: ڪميٽي چوڪ ۾ برسات دوران 6 ورهين جي نينگري گم، ريسڪيو آپريشن جاري

راولپنڊي جي مصروف علائقي ڪميٽي چوڪ ۾ برسات دوران هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 6 ورهين جي نينگري حريم مبينا طور نالي ۾ ڪري گم ٿي وئي.اقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون واٽر ريسيو ٽيمون فوري طور موقعي تي پهتيون ۽ نينگري جي ڳولا لاءِ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. شروعاتي ڄاڻ موجب نينگري جو والد گهر ڀاتين کي گاڏي ۾ ويهاري رهيو هو ته ان دوران حريم اوچتو گم ٿي وئي.
واقعي وقت شهر ۾ تيز برسات پئي وسي، جنهن سبب نالن ۾ پاڻي جي سطح تمام گهڻي وڌيل هئي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته خدشو آهي ته نينگري ڀر واري نالي ۾ ڪري وئي هجي.ريسڪيو 1122 موجب ڳولا واري آپريشن ۾ پنج ايمرجنسي گاڏيون ۽ 12 کان وڌيڪ تربيت يافته اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن. آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ريسڪيو ٽيمن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي نالي جي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪري رهيون آهن.نينگري جي مامو محمد سمير ٻڌايو ته سندن گهر مهمان آيل هئا، جيڪي واپس روانا ٿي رهيا هئا. سڀ ماڻهو جڏهن گاڏي ۾ سوار ٿي رهيا هئا ته ان دوران حريم اوچتو نظرن کان غائب ٿي وئي. هن چيو ته تيز برسات ۽ پاڻي جمع ٿيڻ سبب خدشو آهي ته نينگري پير ترڪي نالي ۾ ڪري پئي هجي.هوڏانهن پوليس پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نينگري جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.