گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سوات ۾ ٿيل خودڪش حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو ۽ انتهائي گهنائونو دهشتگرد حملو قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ قيمتي انساني جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. سلامتي ڪائونسل چيو ته دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ڪنهن به مقصد يا جواز تحت هرگز قبول جوڳي ناهي. ڪائونسل پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سڀني ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته هو هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪن، جڏهن ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ منصوبا سازن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
