ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ نوجوان مير رضا جي قبر ڪشائي لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ کي ٻيهر ترتيب ڏنو ويو آهي. انتظاميا اڳوڻو 8 رڪني بورڊ ختم ڪري نئون 5 رڪني بورڊ قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. نئين بورڊ ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد کي ڪنوينر طور برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين سڀني اڳوڻن ميمبرن کي تبديل ڪيو ويو آهي. نون ميمبرن ۾ ڊائو يونيورسٽي جي فرانزڪ ميڊيسن شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر ذڪي الدين ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي پروفيسر ڊاڪٽر قاضي اڪبر کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
