گوگل ڊيپ مائنڊ جي چيف اي آءِ ريڊينس آفيسر ليلا ابراهيم چيو آهي ته مصنوعي ذهانت سبب انسانيت کي درپيش امڪاني خطرن کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ موجب اي آءِ جي تيز ترقي سبب ان جي اثرن ۽ خطرن تي سنجيده بحث جاري رکڻ ضروري آهي. هن زور ڏنو ته هن ٽيڪنالاجي کي موسمياتي تبديلي، آلودگي ۽ ٻين عالمي مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جڏهن ته ان جا فائدا صرف چند وڏين ڪمپنين تائين محدود نه رهن، پر سڄي انسانيت تائين پهچن. ان کان اڳ جيفري هنٽن، ڊاريو امودي ۽ اسٽيڦن هاڪنگ پڻ مصنوعي ذهانت جي امڪاني خطرن بابت خبردار ڪري چڪا هئا.
