پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٽه ڌُري سلامتي معاهدي جو امڪان

پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي ۽ انٽيليجنس سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم ٽه ڌُري سلامتي معاهدي تي اڄ صحيحون ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي خاص دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سعودي عرب پهچي ويو آهي، جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي به اڄ سعودي عرب پهچڻ جي اميد آهي. عرب ميڊيا موجب ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ علائقي جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل سهڪار بابت هڪ اهم سربراهي ملاقات پڻ متوقع آهي.