اسلام آباد، 8 آگسٽ 2026ع: پاڪستان جي آل رائونڊر خوشدل شاهه پاڪستان ڪرڪيٽ ڇڏڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙيندي انهن کي جعلي ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا تي ڪجهه وقت کان اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته خوشدل شاهه پاڪستان ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آل رائونڊر انهن خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
ماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خوشدل شاهه چيو ته اهي جعلي خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ ڇڏي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه بلڪل غلط آهي.هن چيو ته پاڪستان سندس گهر آهي ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ هميشه سندس پهرين ترجيح ۽ سڀ کان وڏو اعزاز رهيو آهي.خوشدل شاهه مداحن کي اپيل ڪئي ته هو بي بنياد افواهن تي يقين نه ڪن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سان سندس وابستگي ۾ ڪڏهن به تبديلي نه آئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ايندي.
