لاهور: ايف آءِ ايڇ مينز هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان نيدرلينڊز رواني ٿي وئي.يف آءِ ايڇ مينز هاڪي ورلڊ ڪپ 15 کان 0 آگسٽ تائين نيدرلينڊز ۽ بيلجيم ۾ کيڏيو ويندو.
اڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) جي انتظاميا موجب رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي 2 ڪروڙ رپين جو فارن ڊيلي الائونس اڳواٽ ادا ڪيو ويو آهي، ته جيئن رانديگر مالي معاملن جي فڪر کان آزاد ٿي پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي سگهن.
پي ايڇ ايف موجب ٽيم جي سفر، رهائش، کاڌي، مقامي ٽرانسپورٽ ۽ راندين جي سامان جي منتقلي سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين احمد واني چيو آهي ته رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي ڀلائي فيڊريشن جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته ٽيم جي روانگي کان اڳ سمورا ضروري مالي ۽ انتظامي معاملا شفاف طريقي سان مڪمل ڪيا ويا آهن، ته جيئن قومي ٽيم عالمي اسٽيج تي بنا ڪنهن پريشاني جي ملڪ ۽ قوم جي نمائندگي ڪري سگهي.
