خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته 27 سيپٽمبر تي احتجاج جو اعلان پارٽي قيادت سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي ۽ هو پاڻ ان احتجاج جي قيادت ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته احتجاج ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ماڻهو شرڪت ڪندا.ڊجيٽل ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته پارٽي جي سموري قيادت ان ڳالهه تي متفق آهي ته مزاحمت کانسواءِ هاڻي ڪو ٻيو رستو ناهي بچيو. هن چيو ته هن ڀيري ڪاميابي جي ارادي سان ميدان ۾ لهنداسين، جڏهن ته حڪومت طرفان ڳالهين جي آڇ بدران رڳو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.هن چيو ته احتجاج هڪ ڏينهن لاءِ هوندو، پر مختلف هنڌن تي ڪيو ويندو. باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت صورتحال سنگين ٿيڻ جي صورت ۾ هنگامي ڪال به ڏني وڃي سگهي ٿي، تنهن هوندي به 27 سيپٽمبر واري لانگ مارچ جي ڪال برقرار رهندي.سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کيس نااهل يا گرفتار ڪيو ويو ته پارٽي جو جهنڊو ڪو ٻيو سنڀاليندو. هن ٻڌايو ته گرفتاري کانپوءِ جي حڪمت عملي بابت وڊيو رڪارڊ ڪرائي ڇڏي آهي ۽ پارٽي قيادت جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف شير افضل مروت چيو آهي ته نه ڪڏهن 27 سيپٽمبر ايندي ۽ نه ئي احتجاج ٿيندو.
سهيل آفريدي چيو ته هو ڪيسن جي ميرٽ تي ٻڌڻي ۽ عدالت ذريعي باني پي ٽي آءِ جي آزادي چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن جي بحالي ٻيو اهم مطالبو آهي، ۽ ٻنهي مطالبن جي منظوري تائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو.
