جيڪڏهن توهان واٽس ايپ چيٽس ۾ اسٽيڪرز استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهيو ته چيٽ جي پي ٽي هڪ اهڙي نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو صارفين لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.رپورٽن موجب نئين فيچر تحت صارفين مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي تيار ڪيل اسٽيڪرز صرف هڪ ڪلڪ سان سڌو واٽس ايپ تي شيئر ڪري سگهندا.هن وقت صارفين چيٽ جي پي ٽي ذريعي اسٽيڪرز تيار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي ڊائون لوڊ، ڪراپ ۽ پوءِ واٽس ايپ ۾ امپورٽ ڪندا آهن، جنهن جو عمل ڪجهه وقت وٺندو آهي. نئون فيچر هن طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.چيٽ جي پي ٽي ايپ جي تازي ورزن v1.2026.216 ۾ اهڙا ثبوت مليا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوپن اي آءِ واٽس ايپ سميت چيٽ ايپس لاءِ اسٽيڪرز ٺاهڻ واري فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي.ايپ جي ڪوڊ ۾ ”چيٽ جي پي ٽي اسٽيڪرز“، ”چيٽ ايپس ۾ شامل ڪريو“ ۽ ”واٽس ايپ ۾ شامل ڪريو“ جهڙيون اسٽرنگز پڻ مليون آهن. في الحال لڳي ٿو ته هي فيچر صرف واٽس ايپ کي سپورٽ ڪندو.نئين فيچر تحت صارف ”واٽس ايپ ۾ شامل ڪريو“ جي آپشن تي ٽيپ ڪري پنهنجا تيار ڪيل اسٽيڪرز واٽس ايپ ۾ ڪسٽم اسٽيڪر پيڪ طور شامل ڪري سگهندا.رپورٽ موجب واٽس ايپ تي اسٽيڪر پيڪ ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 اسٽيڪرز گهربل هوندا، جڏهن ته هڪ پيڪ ۾ وڌ ۾ وڌ 30 اسٽيڪرز شامل ڪري سگهجن ٿا.
