ڪراچي: شهر قائد جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 13، ڊي-2 ۾ نومولود نياڻي کي عمارت تان هيٺ اڇلائڻ واري افسوسناڪ واقعي ۾ پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نياڻي کي اڇلائڻ وقت هوءَ زنده هئي.پوليس ذريعن موجب نومولود نياڻي جي عمر لڳ ڀڳ 3 کان 4 ڏينهن هئي، جڏهن ته رائل آئڪون اپارٽمينٽ جي مٿين منزل کان ڊڪٽ واري حصي ۾ نياڻي کي هيٺ اڇلائڻ جا شواهد پڻ مليا آهن.ليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي هڪ منزل جي ڀتين تي رت جا ڇنڊا ۽ نشان پڻ موجود آهن، جنهن مان واقعي بابت اهم شاهديون حاصل ٿي سگهن ٿيون.اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نومولود جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب نياڻي جي ڊي اين اي ۽ سيرولوجي ٽيسٽ لاءِ نمونا حاصل ڪري تحويل ۾ ورتا ويا آهن.پوليس حڪام جو شڪ آهي ته شايد پيدائش لڪائڻ جي مقصد سان نومولود نياڻي کي عمارت جي مٿين منزل تان اڇلايو ويو. واقعي جو ڪيس گلشن اقبال ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڪيس ۾ قلم 329 تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نياڻي جي لاش کي تدفين لاءِ ايدهي هوم سهراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو آهي. ليڊي ايم ايل او کان ڊٿ سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو ويو آهي.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي ۽ نياڻي کي عمارت تان اڇلائيندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
