پشاور: خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي بحالي لاءِ مختلف ضلعن جي پوليس کي جديد بکتر بند، اي پي سي ۽ بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.
آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد پوليس لائن پشاور ۾ گاڏيون مختلف ضلعن جي پوليس حوالي ڪيون.
پوليس موجب ٽانڪ، هنگو، دير، مانسهره ۽ سوات پوليس کي بکتر بند ۽ اي پي سي گاڏيون ڏنيون ويون، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ تورغر پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.
آءِ جي ذوالفقار حميد چيو ته امن امان جي قيام لاءِ پوليس فرنٽ لائن تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي. پوليس اهلڪارن جي حفاظت لاءِ جديد هٿيارن سان گڏ حفاظتي گاڏيون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته جديد گاڏين سان پوليس جي آپريشنل صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهلڪارن کي دهشتگردي خلاف ڪاررواين دوران وڌيڪ تحفظ فراهم ٿيندو.
