پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) راولپنڊي ۾ فائرنگ واري واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري، شفاف ۽ غيرجانبدار عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته پيٽي آءِ هڪ پرامن سياسي جماعت آهي ۽ ڪنهن به قسم جي تشدد يا دهشتگردي جي حمايت نٿي ڪري. سندس چوڻ هو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪنهن به سياسي جماعت يا ڪارڪن کي واقعي جو ذميوار قرار نه ڏنو وڃي.هن چيو ته دهشتگردي ملڪ لاءِ وڏو خطرو آهي، تنهنڪري واقعي جا سمورا حقيقتون ۽ اصل ذميوارن کي سامهون آڻڻ لاءِ اعليٰ سطحي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن موجب راولپنڊي جي مال روڊ تي فائرنگ ڪندڙ هٿياربند شخص کي ڪارروائي دوران ماريو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي ته جوابدار جي سڃاڻپ محمد حسين، رهواسي خيبر ضلعي طور ٿي آهي ۽ سندس قبضي مان پارٽي جهنڊو، هٿيار، گولا بارود ۽ دستاويز پڻ هٿ آيا.
