چنيُوٽ (ويب ڊيسڪ):قيامِ پاڪستان کان ٿوري ئي عرصي پوءِ چنيُوٽ ۾ درج ٿيل هڪ مبينا تاريخي چوري جي ايف آءِ آر اڄ به انصاف جي منتظر خاندان لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. تقريبن 80 سال گذرڻ باوجود متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته نه چوري ٿيل قيمتي سامان هٿ اچي سگهيو ۽ نه ئي جوابدارن جو پتو لڳي سگهيو.
رپورٽ موجب 14 ۽ 15 آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات هڪ گهر مان وڏي مقدار ۾ زيور، قيمتي ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو هو. متاثر خاندان دعويٰ ڪري ٿو ته چوري ٿيل سامان جي موجوده ماليت ڪروڙين رپيا بڻجي ٿي.
خاندان موجب اهو ڪيس قيامِ پاڪستان کان پوءِ چنيُوٽ ۾ درج ٿيندڙ شروعاتي ڪيسن مان هڪ هو ۽ ان کي ڪيس نمبر 8 طور داخل ڪيو ويو هو.
متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته چوري ٿيل سامان ۾ تقريبن 112 کان 120 تولا سون، چاندي، بوسڪي ۽ ٻيا قيمتي ڪپڙا شامل هئا.
واقعي کي 80 سال مڪمل ٿيڻ تي متاثر خاندان اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ منفرد احتجاج ڪيو. خاندان جي ماڻهن ايف آءِ آر جي متن تي ٻڌل ڪيڪ تيار ڪرايو ۽ ان کي ڪاٽي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
خاندان جي هڪ فرد ساجد اسماعيل ڊار موجب سندن وڏا ڪيترن ئي سالن تائين انصاف لاءِ ٿاڻن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، پر ٽي کان چار نسلون گذرڻ باوجود چوري ٿيل سامان واپس نه مليو.
ساجد اسماعيل ڊار موجب ماضي ۾ پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي پڻ درخواستون ڏنيون ويون، جن تي نوٽيس ورتو ويو، پر بعد ۾ معاملو ٻيهر خاموشي جي ور چڙهي ويو.
متاثر خاندان آءِ جي پنجاب ۽ وڏي وزير پنجاب کان مطالبو ڪيو آهي ته 80 سال پراڻي ڪيس جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، موجود رڪارڊ جي بنياد تي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ چوري ٿيل سامان جي ممڪن واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.
متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته ايترو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود هو اڄ به انصاف جا منتظر آهن.
