لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جي پاليسي ۾ اهم تبديلي ڪندي 2027 کان صوبي جي سمورن ڪاليجن ۾ داخلا جو عمل مڪمل طور آن لائن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
محڪمه تعليم پنجاب موجب 2027 کان ڪاليجن ۾ دستي داخلا جو نظام مڪمل طور ختم ڪيو ويندو ۽ شاگردن کي داخلا لاءِ آن لائن سسٽم ذريعي درخواستون جمع ڪرائڻيون پونديون.
ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (DPI) پنجاب ڊاڪٽر انصر اظہر موجب اهو قدم پنجاب حڪومت جي پيپر ليس پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد شاگردن لاءِ داخلا جو عمل وڌيڪ آسان، تيز ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي.
نئين نظام تحت ڪاليج هاڻي ڇپيل پراسپيڪٽس يا داخلا فارم جاري نه ڪندا. شاگردن کي داخلا درخواست ۽ ٻين لاڳاپيل مرحلن کي آن لائن مڪمل ڪرڻو پوندو.
محڪمه تعليم موجب ڪاليج جي داخلا فيس جي آن لائن ادائيگي جو نظام اڳ ئي متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته داخلا جي باقي سموري طريقيڪار کي به ايندڙ تعليمي سال کان ڊجيٽل ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر انصر اظہر شاگردن ۽ والدين کي صلاح ڏني آهي ته هو ڪاليجن ۾ ذاتي طور وڃڻ ۽ ڊگهي قطارن ۾ بيهڻ بدران آن لائن سسٽم استعمال ڪن ۽ گهر ويٺي داخلا جي سهولت حاصل ڪن.
حڪومت جو چوڻ آهي ته نئين آن لائن نظام سان داخلا جي عمل ۾ شفافيت وڌندي، وقت جي بچت ٿيندي ۽ شاگردن کي وڌيڪ سهولت فراهم ٿيندي.
