فيلڊ مارشل عاصم منير، ايئر چيف ظهير احمد بابر سدھو ۽ نيول چيف نويد اشرف قوم کي 79هين آزادي ڏهاڙي تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون آهن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسلح فوجن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ آزادي جي سمورن اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.بيان ۾ چيو ويو ته قائداعظم ۽ پاڪستان جي بانيان جو نظريو، عزم ۽ حوصلو اڄ به قوم لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. پاڪستان جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪيو ويو.
مسلح فوجن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي غازين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ محب وطن شهرين جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب مسلح فوجن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ پنهنجي غير متزلزل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. فوجون آئين جي پاسداري ڪندي قوم طرفان سونپيل ذميواريون ادا ڪنديون رهنديون.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي اصل طاقت قوم جي اتحاد ۽ گڏيل عزم ۾ آهي. آزادي ڏهاڙي تي قومي يڪجهتي، برداشت ۽ نظم و ضبط کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.
مسلح فوجن چيو ته پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ پوري قوم متحد آهي.
