چين ۽ پاڪستان جي مضبوط شراڪتداري، ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جو توازن تبديل

اسلام آباد: چين ۽ پاڪستان جي وڌندڙ مضبوط شراڪتداري ڏکڻ ايشيا ۾ نئين اسٽريٽجڪ صف بندي کي نمايان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ ڀارت جي روايتي اثر رسوخ کي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.عالمي ميڊيا اداري ڊي ڊبليو جي رپورٽ موجب چين جي وڌندڙ موجودگي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم اثر رسوخ کي متاثر ڪيو آهي. بنگلاديش پاران چين کان دريائي منصوبي ۾ سهڪار طلب ڪرڻ کي به ڀارت لاءِ ڳڻتي جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان کان وٺي سري لنڪا تائين بندرگاهن ۽ مختلف منصوبن ذريعي خطي ۾ پنهنجو معاشي ۽ اسٽريٽجڪ اثر وڌائي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت چيني منصوبن جي وڌندڙ نيٽ ورڪ کي پنهنجي سلامتي لاءِ چئلينج سمجهي ٿو.چين ۽ پاڪستان جي دفاعي سهڪار ۾ جنگي جهازن، آبدوزن، ڊرونز، سيٽلائيٽس ۽ فضائي دفاعي نظام سميت مختلف شعبا شامل ٿي چڪا آهن. مئي 2025ع جي پاڪ ڀارت تڪرار دوران ٻنهي ملڪن جي دفاعي تعاون جي صلاحيت پڻ نمايان ٿي.رپورٽ موجب چين جي معاشي طاقت ۽ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪري رهي آهي، جڏهن ته سي پيڪ ذريعي اولهه چين کي گوادر بندرگاهه وسيلي عربي سمنڊ سان ڳنڍيو ويو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته چين ۽ پاڪستان جي مضبوط شراڪتداري ۽ سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارت کي خطي ۾ نين سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ حقيقتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.