ايپل صارفين جي ڊيٽا ۽ پرائيويسي بابت ضابطا تبديل ڪرڻ تي راضي

آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل صارفين جي پرائيويسي ۽ ذاتي ڊيٽا جي استعمال بابت پنهنجا ضابطا تبديل ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.
جرمني جي وفاقي ڪارٽل آفيس ايپل خلاف ڪيترن سالن کان جاري جاچ نون قدمن جي منظوري کانپوءِ ختم ڪري ڇڏي آهي.
نون ضابطن تحت آئي فون ۽ آئي پيڊ تي ٿرڊ پارٽي ايپس کي صارفين کان ڊيٽا اشتهارن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت وٺڻ وقت غيرجانبدار ٻولي ۽ انداز اختيار ڪرڻو پوندو.جرمن اختيارين موجب ايپل جو ايپ ٽريڪنگ ٽرانسپيرنسي نظام پنهنجي ايپس کي ٻين ايپس جي ڀيٽ ۾ صارفين جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ لاءِ اجازت وٺڻ ۾ وڌيڪ سهولت فراهم ڪندو هو، جنهن تي مقابلي جي قانونن جي ڀڃڪڙي جو خدشو هو.
ايپل کي نيون تبديليون لاڳو ڪرڻ لاءِ چار مهينا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته نوان ضابطا ست سالن تائين لاڳو رهندا. ڪمپني جو چوڻ آهي ته تبديليون يورپي يونين جي لڳ ڀڳ