وفاقي آئيني عدالت جو ڪارپوريٽ ٽيڪس ڏيندڙن جي حق ۾ وڏو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت ڪارپوريٽ ٽيڪس ڏيندڙن جي حق ۾ وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت سپر ٽيڪس خلاف ٽيڪس ڪريڊٽ جي ايڊجسٽمينٽ کي قانون موجب جائز قرار ڏئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس عامر فاروق 6 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن تحت عدالت هڪ خانگي موبائل ڪمپني جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته فائلنگ ۽ ڪٽوتي تي حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ڪريڊٽ مان سپر ٽيڪس ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته قانون جي شق 168 تحت حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ڪريڊٽ الڳ ۽ تسليم ٿيل قانوني حق آهي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ٽيڪس ڏيندڙ کي ايڊجسٽمينٽ کان روڪي ريفنڊ وٺڻ ڏانهن ڌڪڻ قانون جي منشا خلاف آهي.

عدالت موجب مالي قانونن جي تشريح هميشه ٽيڪس ڏيندڙ جي فائدي ۽ سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃڻ گهرجي.