ٽرمپ پاران ڪم جونگ اُن سان جلد ملاقات لاءِ تياريون ڪرڻ جي هدايت

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي معاونن کي اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن سان جلد ملاقات جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل آمريڪي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته صدر ٽرمپ ذاتي طور تي ڪم جونگ اُن سان سڌي ملاقات ڪرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.رپورٽ موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات هلندڙ سال نومبر ۾ ايشيا پئسفڪ اڪنامڪ ڪوآپريشن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جونگ اُن جي آخري ملاقات 30 جون 2019ع تي ٻنهي ڪوريا جي وچ ۾ غير فوجي علائقي جي ڳوٺ پنمنجوم ۾ ٿي هئي. ان موقعي تي ٽرمپ اتر ڪوريا جي سرزمين تي قدم رکيو ۽ ائين ڪندڙ پهريون برسرِ اقتدار آمريڪي صدر بڻيو هو.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جون 2018ع ۾ سنگاپور ۽ فيبروري 2019ع ۾ هنوئي ۾ پڻ سربراهي ملاقاتون ٿي چڪيو