يوٽيوب تي وِيُوز ڳڻڻ جو طريقو تبديل، نئون نظام 24 آگسٽ کان لاڳو ٿيندو

يوٽيوب وڊيوز جا وِيُوز ڳڻڻ جو طريقو تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نئون نظام 24 آگسٽ 2026 کان لاڳو ٿيندو.

نئين طريقي تحت وڊيو پلي ٿيندي ئي هڪ وِيُو ڳڻيو ويندو، جڏهن ته لائيو براڊڪاسٽ ۾ صارف جي داخل ٿيندي ئي وِيُو شمار ڪيو ويندو. اڳ عام وڊيو جو وِيُو ڳڻڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪنڊ وڊيو ڏسڻ ضروري هو.

يوٽيوب موجب نئين تبديلي جو مقصد عام وڊيوز، شارٽس ۽ لائيو اسٽريمز ۾ وِيُوز جي ماپ کي هڪجهڙو بڻائڻ ۽ ڪريئيٽرز کي حقيقي ناظرين تائين پهچ بابت بهتر معلومات فراهم ڪرڻ آهي.

يوٽيوب واضح ڪيو آهي ته وِيُوز ڳڻڻ جي نئين طريقي سان ڪريئيٽرز جي آمدني يا يوٽيوب پارٽنر پروگرام جي اهليت متاثر نه ٿيندي. آمدني لاءِ ”انگيجد شارٽس وِيُوز“ ۽ ”انگيجد واچ آورز“ جهڙا ميٽرڪس برقرار رهندا.

نئين ڪريئيٽرز لاءِ اشتهاري آمدني پروگرام جون شرطون پهرين فيبروري 2027 کان سخت ٿينديون. 12 مهينن دوران 8 هزار ڪواليفائيڊ واچ آورز ۽ شارٽس لاءِ 90 ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ ڪواليفائيڊ وِيُوز گهربل هوندا.

يوٽيوب جو چوڻ آهي ته نئين نظام سان وِيُوز جي ماپ وڌيڪ آسان ۽ هڪجهڙي ٿيندي، جڏهن ته ڪريئيٽرز کي ايناليٽڪس ۾ اضافي انگ اکر به فراهم ڪيا ويندا.