يوٽيوب نون ڪريئيٽرز لاءِ يوٽيوب پارٽنر پروگرام (YPP) جي مونيٽائيزيشن جا شرط وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن جو اطلاق 2027ع کان ٿيندو.نئين پاليسي تحت اشتهارن ۽ يوٽيوب پريميئم مان آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ نون ڪريئيٽرز کي گذريل 12 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 هزار اهل واچ آورز يا گذريل 90 ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ اهل شارٽس ويوز حاصل ڪرڻا پوندا.
اڳ ۾ مونيٽائيزيشن لاءِ 1000 سبسڪرائبرز ۽ 4000 واچ آورز جي شرط هئي. يوٽيوب موجب نوان شرط صرف انهن ڪريئيٽرز تي لاڳو ٿيندا، جيڪي تبديلي کان پوءِ پارٽنر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڏيندا.موجوده ميمبرن تي نئين تبديلي جو اثر نه پوندو. يوٽيوب جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي جو مقصد فعال ڪريئيٽرز کي هٿي ڏيڻ ۽ مونيٽائيزيشن سسٽم کي پليٽ فارم جي وڌندڙ سرگرمين سان هم آهنگ رکڻ آهي.
