چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ٻيون ”ورلڊ هيومنائيڊ روبوٽ گيمز“ 22 کان 26 آگسٽ تائين منعقد ٿينديون، جتي انسان نما روبوٽس لانگ جمپ، ويٽ لفٽنگ، ٽيبل ٽينس ۽ ٻين مقابلن ۾ حصو وٺندا.منتظمين موجب هن سال دنيا جي 16 ملڪن مان 666 ٽيمون مقابلن ۾ شرڪت ڪنديون، جن ۾ مجموعي طور 2 هزار 56 انسان نما روبوٽس شامل آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ شرڪت ڪندڙ روبوٽس جو انگ لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌي ويو آهي.16 ملڪن جون 666 ٽيمونبيجنگ ميونسپل بيورو آف اڪانومي اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر جيانگ گوانگزي موجب آمريڪا، جرمني، جاپان ۽ ٻين ملڪن جون ٽيمون پڻ مقابلن ۾ حصو وٺنديون، جڏهن ته برازيل روبو ڪپ لاءِ 5 ٽيمن تي ٻڌل قومي دستو به تيار ڪيو آهي.ميزبان چين طرفان 641 ٽيمون ۽ هڪ هزار 975 روبوٽس مقابلي ۾ شامل ٿيندا. انهن ۾ 157 ڪمپنيون، 200 يونيورسٽيون ۽ تحقيقي ادارا شامل آهن.لانگ جمپ، ويٽ لفٽنگ ۽ ٽيبل ٽينس جا مقابلاهن سال مقابلن جو انگ 30 کان وڌي ويندو، جڏهن ته نون مقابلن ۾ لانگ جمپ، ويٽ لفٽنگ، رسو ڇڪڻ ۽ ٽيبل ٽينس پڻ شامل ڪيا ويا آهن.انهن مقابلن ذريعي روبوٽس جي حرڪتن تي ضابطو رکڻ جي صلاحيت، جسماني بناوت ۽ بنيادي هارڊويئر کي جانچيو ويندو.بوٽس حقيقي زندگي جا ڪم به ڪندا
ورلڊ هيومنائيڊ روبوٽ گيمز ۾ راندين کان علاوه حقيقي زندگي سان لاڳاپيل مقابلن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي.روبوٽس کي ڪارخانن، هوٽلن، گهرن ۽ لاجسٽڪس سينٽرن جهڙن ماحولن ۾ مختلف ڪم سرانجام ڏيڻا پوندا، جن ۾ شين جي اسمبلنگ، گهرن جي صفائي، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ لائبريري ۾ ڪتاب ترتيب ڏيڻ شامل آهن.
منتظمين جو چوڻ آهي ته انهن مقابلن جو مقصد اهو جانچڻ آهي ته روبوٽس حقيقي دنيا جي پيچيده ڪمن کي ڪيتري حد تائين انجام ڏئي سگهن ٿا.
روبوٽس لاءِ روزگار جا دروازا کولڻ جي اميد
منتظم جيانگ گوانگزي موجب مقابلن دوران تيار ٿيندڙ ڪيترائي اصول مستقبل ۾ روبوٽڪس جي ٽيڪنيڪي معيارن جو حصو بڻجي سگهن ٿا.
سندن چوڻ آهي ته جڏهن روبوٽس روزمره زندگي جا پيچيده ڪم انجام ڏيڻ ۾ وڌيڪ ماهر ٿي ويندا ته مقابلن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون انهن لاءِ حقيقي دنيا ۾ ڪاروباري آرڊرز ۽ ڪم جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
ياد رهي ته ورلڊ هيومنائيڊ روبوٽ گيمز پهريون ڀيرو آگسٽ 2025ع ۾ منعقد ٿيون هيون، جن ۾ 16 ملڪن جي 280 ٽيمن ۽ 500 کان وڌيڪ انسان نما روبوٽس شرڪت ڪئي هئي.
