ليڊز ٽيسٽ: انگلينڊ 8 وڪيٽن تي 366 رنسون، پاڪستان خلاف 195 رنسن جي سرسي

ليڊز ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي انگلينڊ پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 366 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.انگلينڊ کي پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 195 رنسن جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 171 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي.انگلينڊ طرفان هيري بروڪ شاندار بيٽنگ ڪندي 91 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جارڊن ڪاڪس 73 رنسن سان نمايان رهيو.ڪپتان جو روٽ 66 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڊين لارنس 51 رنسن تي آئوٽ ٿيو. جيمي سمٿ 16 ۽ جوفرا آرچر بنا ڪنهن رنس جي ناٽ آئوٽ آهن.ڪستان طرفان اسپنر علي عثمان بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. محمد عباس، محمد علي ۽ خرم شهزاد هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي