ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين ۽ عالمي معيار جي بلٽ پروف شيشو ٺاهيندڙ فيڪٽري قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.
ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان پاڪستان جي دفاعي خود انحصاري ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ جديد مقامي بلٽ پروف شيشوٺاهيندڙ فيڪٽري قائم ڪئي ويندي.
عروف ڪاروباري گروپ وينگارڊ انٽرنيشنل جي وفد ايس آءِ ايف سي اختيارين سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفد ٻڌايو ته ڪراچي ۾ عالمي معيار جي جديد بلٽ پروف شيشو ٺاهيندڙ فيڪٽري قائم ڪئي ويندي.رپورٽن موجب اهو منصوبو بن قاسم انڊسٽريل پارڪ ۾ لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري سان شروع ڪيو ويندو. تيار ٿيندڙ بلٽ پروف شيشو پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.فيڪٽري جي قيام سان جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي، پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ لڳ ڀڳ 400 ماهر ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.مقامي سطح تي دفاعي شين جي تياري سان برآمدات کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان جي دفاعي صنعتي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.وينگارڊ انٽرنيشنل جي وفد منصوبي لاءِ موثر سهولتڪاري ۽ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن کي ساراهيو.
