پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انگلينڊ خلاف 27 آگسٽ کان لارڊز ۾ شروع ٿيندڙ ٻئي ٽيسٽ ۾ واپسي جو امڪان آهي. بابر اعظم هٿ جي انجري سبب پهرين ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو. تازين رپورٽن موجب ٽيم مئنيجمينٽ بابر جي فٽنيس ۽ پچ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حتمي پليئنگ اليون جو فيصلو ڪندي. بر جي واپسي جي صورت ۾ اذان اويس کي ٽيم مان ٻاهر ڪيو وڃي سگهي ٿو. وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي پڻ آرام ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جيڪڏهن پچ خشڪ ۽ اسپن لاءِ سازگار رهي ته پاڪستان ٻن اسپنرن سان ميدان ۾ لهي سگهي ٿو. پاڪستان کي سيريز برابر ڪرڻ لاءِ لارڊز ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي. پهرين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيسٽن واري سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪئي هئي.
