پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ايمن انور فوري طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ايمن انور ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ هاڻي ڪرڪيٽ ريفري طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي.
ايمن انور پنهنجي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 8 ون ڊي ۽ 37 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون. فاسٽ بالر مختلف موقعن تي قومي ٽيم لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رٽائرمينٽ کانپوءِ ايمن انور ڪرڪيٽ کان مڪمل طور الڳ ٿيڻ بدران راند سان لاڳاپيل رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي هوءَ ڪرڪيٽ ريفري جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.ايمن انور ڪراچي ۾ جاري نيشنل وومينز انڊر 19 ٽورنامينٽ ۾ وومين ريفري طور پنهنجي ذميوارين جي شروعات ڪئي. ان کان اڳ هن هلندڙ سال جنوري ۾ ڪرڪيٽ ريفري لاءِ منعقد ڪيل انڊڪشن ڪورس پڻ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو هو.
ڪرڪيٽر کان ڪرڪيٽ ريفري بڻجڻ تائين ايمن انور جو سفر عورتن لاءِ راندين جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جي هڪ مثال طور ڏٺو پيو وڃي. رٽائرمينٽ کانپوءِ به ڪرڪيٽ سان وابسته رهڻ واري سندس فيصلي سان وومين ڪرڪيٽ ۾ نون موقعن جا دروازا کلڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
