آبنائي هرمز جي ڏاکڻي حصي ۾ ٻن سامونڊي بارودي سرنگن سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ هڪ سپر ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب ٽينڪر کي روڪيو ويو.ايراني سرڪاري ٽي وي موجب ٽينڪر آبي رستي مان غيرقانوني طور گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جهاز ۽ عملي بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا.پاسدارانِ انقلاب خبردار ڪيو آهي ته سيڪيورٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٻين سامونڊي جهازن کي به نشانو بڻايو ويندو. آبنائي هرمز مان گذرڻ لاءِ مقرر ڪيل ضابطن تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو.
ئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب آمريڪي فوجن آبنائي هرمز ۾ خطرو بڻجندڙ ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بارودي سرنگون وڇائيندڙ فورسز خلاف محدود ۽ انتهائي درست ڪارروائي ڪئي آهي.سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته لارڪ ٻيٽ تي موجود ايراني پاسدارانِ انقلاب جون مائن ليئنگ فورسز آبنائي هرمز ۾ خطري جو سبب بڻجي رهيون هيون.
هوڏانهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران ڪنهن جي ڌمڪين آڏو نه جهڪد
