ڀارت جي شهر حيدرآباد ۾ پهاري شريف پوليس ٿاڻي جي حدن اندر تڪه گوڙا ۾ 21 ورهين جي نرس کي مبينا زيادتي بعد ڳلو گهٽا ڪري قتل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس واقعي جي جاچ دوران بهار سان تعلق رکندڙ ثناءُ الله کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مبينا طور تي جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب مقتولا جو تعلق ڀدرادري ڪوٺا گوڊم ضلعي سان هو. هوءَ لڳ ڀڳ ست مهينا اڳ مهشورم آئي هئي ۽ هڪ اسپتال ۾ نرس جي نوڪري حاصل ڪرڻ کانپوءِ اتي ئي هڪ ڪمري ۾ رهندي هئي.
پوليس موجب منجهند جي وقت نرس پنهنجي ڪمري ۾ وئي، پر ڪافي دير تائين واپس نه اچڻ تي ساٿين کي شڪ ٿيو. ڪمري جو دروازو اندر کان بند هو. دري مان ڏسڻ تي نرس فرش تي پيل نظر آئي. دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ تي هوءَ مئل حالت ۾ ملي.
پوليس لاش جو معائنو ڪيو ته جسم تي زخمن جا نشان موجود هئا. شروعاتي جاچ ۾ نرس کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو.
جاچ دوران پوليس کي معلوم ٿيو ته ثناءُ الله دري ذريعي نرس جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. واقعي کانپوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
