ملڪ ۾ ايل پي جي جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام واري گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 3 هزار 52 رپيا 9 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين سيپٽمبر 2026ع کان ايل پي جي جي في ڪلوگرام قيمت ۾ 4 رپيا 33 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. نئين واڌ کانپوءِ ايل پي جي جو 11.8 ڪلوگرام وارو گهريلو سلينڊر 51 رپيا 17 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايل پي جي جي پروڊيوسر قيمت 2 لک 17 هزار 351 رپيا 52 پيسا في ميٽرڪ ٽن مقرر ڪئي وئي آهي. 11.8 ڪلوگرام جي گهريلو سلينڊر جي حساب سان پروڊيوسر قيمت 2 هزار 564 رپيا 75 پيسا ٿئي ٿي.ان کان علاوه ايل پي جي جي مارڪيٽنگ، ڊسٽريبيوشن ۽ ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾ 35 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽن جو مارجن پڻ شامل ڪيو ويو آهي. 11.8 ڪلوگرام جي سلينڊر لاءِ اهو مارجن 413 رپين جي لڳ ڀڳ بڻجي ٿو.اوگرا جي نئين قيمتن جي لاڳو ٿيڻ سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايل پي جي استعمال ڪندڙ صارفين تي اضافي مالي بار پوندو. خاص طور تي اهي گهراڻا، جيڪي قدرتي گئس جي فراهمي محدود هجڻ سبب ايل پي جي کي ٻارڻ طور استعمال ڪن ٿا، نئين اگهه کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.واپارين جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ سان هوٽلن، ريسٽورنٽن ۽ ننڍن ڪاروبارن جي خرچن ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن جو اثر عام صارفين تي به پئجي سگهي ٿو.
نئين اگهه جو اطلاق هڪ سيپٽمبر 2026ع کان سڄي ملڪ ۾ ٿيند
