سيو سنڌ لائرز جو احتجاج ملتوي: ڪنٽينر ۽ اٽالا پهتل

ڪراچي: ڪراچي: سيو سنڌ لائرز ڪاميٽي پاران سنڌ جي ورهاڱي واري مامري تي سنڌ اسميبلي ۾ بحث ڪرائڻ خلاف اعلانيل احتجاج ملتوي ڪيو ويو، ان ڏس ۾ سيو سنڌ لائرز ڪاميٽي سنڌ جي ورهاڱي ۽ التوا واري رٿ جمع ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سنڌ اسيمبلي تائين مارچ جو اعلان ڪيو ويو هو. جنهن سبب انتظاميا سنڌ اسيمبلي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪنٽينر بيهاري وڏي انگ ۾ نفري بيهاري ڇڏي، هوڏانهن سيو سنڌ لائيرز ڪاميٽي پاران احتجاج جو سڏ واپس ورتو ويو. ان حوالي سان ڪاميٽي جي اڳواڻ عاقب راڄپر چيو ته جلد ٻيهر احتجاج جو سڏ ڏينداسين.