واٽس ايپ پاران مصنوعي ذهانت (AI) جي مواد کي سڃاڻڻ لاءِ نئون فيچر متعارف، آزمائش شروع

سائنس ڊيسڪ: مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پاران واهپيدارن جي سهولت ۽ غلط معلومات جي روڪٿام لاءِ هڪ نئون ۽ اهم فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. هن فيچر تحت مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي تيار ڪيل تصويرن ۽ مواد تي خاص ليبل لڳايو ويندو، جنهن سان واهپيدارن کي اها خبر پئجي سگهندي ته ڪهڙو مواد حقيقي آهي ۽ ڪهڙو اي آئي ذريعي ��اهيو ويو آهي.

هي نئون فيچر في الحال واٽس ايپ جي آئي او ايس (iOS) بيٽا ورشن 26.34.10.70 استعمال ڪندڙن لاءِ آزمائشي بنيادن تي پيش ڪيو ويو آهي. ٽيڪنالاجي ماهرن موجب، هن فيچر جو بنيادي مقصد سوشل ميڊيا تي مصنوعي ذهانت جي مدد سان پکڙجندڙ ڪوڙين تصويرن ۽ پروپيگنڊا کي روڪڻ آهي، ته جيئن پليٽ فارم جي ساک کي برقرار رکي سگهجي.

واٽس ايپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته بيٽا ٽيسٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هي فيچر جلد ئي دنيا جي سمورن اينڊرائيڊ ۽ آئي فون واهپيدارن لاءِ عام ڪيو ويندو. هن فيچر جي اچڻ سان واٽس ايپ تي شيئر ٿيندڙ مواد جي شفافيت ۾ وڏو اضافو ٿيندو ۽ واهپيدار وڌيڪ محفوظ طريقي سان ايپليڪيشن استعمال ڪري سگهندا.