ڪراچي: ميئر مرتضيٰ واهب جو شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري ترقياتی ڪمن جو دورو

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ واهب شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري اتي جاري ترقياتی ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن دوري دوران ميئر لاڳاپيل عملدارن کي ترقياتی ڪم جلد از جلد مڪمل ڪرڻ جونداهدتون پڻ جاری ڪيون.

ان موقعي تي ميئر ڪراچي ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. ان شاء الله تمام جلد صهبا اختر روڊ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، جنهن سان اتان جي رهواسين کي اچ وڃ ۾ وڏي سهولت ملندي.

مرتضيٰ واهب وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ترقيءَ لاءِ بغير ڪنهن فرق جي ڪم ڪري رهيا آهيون. شهر جي روڊن، رستن ۽ بنيادي انفراسٽرچر جي بهتري لاءِ زمين تي ڪم نظر اچي رهيو آهي ۽ عوام سان ڪيل واعدا هر صورت پورا ڪيا ويندا.