واشنگٽن: آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري (ناسا) ڪائنات جي اسرارن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي انتهائي طاقتور خلائي ٽيلي اسڪوپ لانچ ڪري ڇڏي آهي. هيءَ نئين ٽيلي اسڪوپ خلائي تحقيق جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب ثابت ٿيندي، جيڪا ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ۽ گهرائيءَ سان ڪائنات جو مشاهدو ڪندي ۽ نوان راز سامهون آڻيندي.
سائنسي ماهرن موجب، هيءَ جديد ٽيلي اسڪوپ مشهور “هبل” ٽيلي اسڪوپ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ تيزي سان آسمان جو سروي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان جي مدد سان سائنسدانن کي ڪهڪشائن، ستارن جي جنم ۽ بليڪ هولز بابت اهڙي معلومات ملي سگهندي، جيڪا اڳ ڪڏهن به حاصل ناهي ٿي سگهي ۽ ان سان خلائي سائنس ۾ نوان دڳ کلندا.
هن منصوبي جو بنيادي مقصد ڪائنات جي شروعاتي دور جي ستارن ۽ ڪهڪشائن جو پتو لڳائڻ آهي. ناسا جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هيءَ ٽيلي اسڪوپ نه صرف خلائي تحقيق کي نئين رخ ڏيندي پر ان سان گڏوگڏ ٻين سيارن تي زندگيءَ جي امڪانن کي ڳولڻ ۽ ڪائنات جي پکڙجڻ واري عمل کي سمجهڻ ۾ پڻ وڏي مدد ملندي.
