برلن: سائنسدانن هڪ صدي پراڻو اهو سائنسي مفروضو غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته هيرن مان بجلي پيدا نٿي ٿکي. 1900 جي ڏهاڪي جي شروعات کان وٺي، هيري کي عام طور تي هڪ نان پیزو اليڪٽرڪ مواد طور درجه بند ڪيو ويندو هو، جنهن جو مطلب هو ته ان تي دٻاءُ وجهڻ سان بجلي پيدا نٿي ٿئي.
تازن تجربن مان اها حقيقت سامهون آئي آهي ته من��سب حالتن ۽ خاص طريقن سان هيرن مان پیزو اليڪٽرڪ اثر حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن نئين مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته هيري ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جيڪا مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪس جي شعبي ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن کوجنا کانپوءِ انتهائي حساس سينسرز، اعليٰ درجي جي ميڊيڪل سامان ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جي جديد طريقن ۾ هيرن جو استعمال وڌايو ويندو. هن بي مثال دريافت سائنسي دنيا ۾ نوان افق کولي ڇڏيا آهن ۽ محقق هاڻي هن شعبي ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري رهيا آهن.
