لنڊن: لارڈز جي تاريخي گراؤنڊ تي رانديل ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي شڪست کانپوءِ اسٽار بيٽر بابر اعظم اوچتو تپ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ميچ جي آخري ڏينهن ئي بابر اعظم جي طبيعت ناساز ٿي پئي هئي، جنهن کانپوءِ ميڊيڪل ٽيم کيس فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪئي.
رپورٽن موجب ميچ جي نتيجي ۽ مسلسل سخت محنت سبب سندس صحت تي اثر پيو آهي. ٽيم انتظاميا ج�� چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن بابر اعظم کي مڪمل آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ هو هن وقت ميڊيڪل اسٽاف جي سخت نگراني هيٺ آهي.
لارڊز ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ جتي شائقين ۽ اڳوڻن رانديگرن پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي، اتي بابر اعظم جي بيمار ٿيڻ جي خبر سامھون اچڻ بعد سندس مداح تشويش ۾ مبتلا آهن ۽ سندس جلد صحتيابيءَ لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.
