مغربي بنگال جي اڳوڻي وزيراعليٰ ممتا بينرجي جي ڀائتيءَ جو لاش هٿ

ڪولڪاتا: مغربي بنگال جي اڳوڻي وزيراعليٰ ممتا بينرجي جي 31 سالن جي ڀائتيءَ جو لاش شڪي حالتن ۾ گهر مان ڦاسي لڳل هٿ آيو آهي، جنهن کان پوءِ سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ءَ سخت ڏک ۽ تعجب جو اظهار ڪيو پيو وڃي. پوليس اطلاع ملندي ئي فوري طور تي موقعي تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ان کي پوسٽ مارم لاءِ اسپتال روانو ڪري ڇڏيو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران اهو معلوم ٿيو ته مقتولا پنهنجي ڪمري ۾ پکهي سان ٽنگيل هئي، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو پر هوءَ دم ڏئي چڪي هئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي مقامي پوليس ۽ اعليٰ عملدار موقعي تي پهتا ۽ شواڌ گڏ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

پوليس طرفان موت جي اصل سبب بابت اڃا تائين ڪنهن به حتمي نتيجي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، ۽ واقعي جي هر ممڪن پاسي کان تفصيلي جاچ جاري آهي. جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ فرانزڪ جاچ سامهون اچڻ کانپوءِ ئي موت جي حتمي سبب جو پتو پئجي سگهندو.