ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي بدترين ڪارڪردگي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي ٽيم جو موجوده پرفارمنس معياري ناهي رهيو، جنهن تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته انگلينڊ جي دوري دوران جيڪي پڻ سخت قدم ک��يا ويا، اهي وقت جي اهم ضرورت هئا. هن واضح ڪيو ته رڳو ميدان اندر ڪارڪردگي کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اهم معاملا آهن، جن کي هن وقت سنجيدگي سان جانچيو پيو وڃي ته جيئن سڌارا آڻي سگهجن.
پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪرڪيٽ جي راند کانسواءِ ٻين غير ضروري معاملن تي بحث ڪرڻ جو وقت ناهي. هن تنقيد بابت ڳالهائيندي چيو ته هو اڳ به تنقيد کان ڪنهن صورت نه گهٻرايو هو ۽ نه ئي هاڻي ڪنهن جو خوف آهي، اهڙن ماڻهن جي تنقيد سان ڪو به فرق نٿو پوي جن پنهنجي دور ۾ ملڪي ڪرڪيٽ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو.
