دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پهرين وومينز چيمپئنز ٽرافي 2027 جي ميزبان ملڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻي هن اهم ايونٽ جي ميزباني ڀارت ڪندو. پهرين هيءَ ميزباني سريلنڪا وٽ هئي، پر ڪجهه شرطن ۽ سڌارن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب اها تبديل ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي وومينز چيمپئنز ٽرافي 14 کان 28 فيبروري 2027 تائين ڀارت جي شهرن ممبئي ۽ وڊودرا ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ دنيا جون 6 بهترين ٽيمون حصو وٺنديون. هن ٽورنامينٽ ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ميزبان ڀارت، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ميدان ۾ لهنديون.
ذريعن مطابق شرڪت ڪندڙ ٽيمن جو انتخاب وومينز ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ڇهه جولاءِ کي ڪواليفڪيشن ڪٽ آف تاريخ مقرر ڪيو ويو هو. ياد رهي ته پهرين سريلنڪا کي ميزباني ملي هئي پر آءِ سي سي جي گائيڊ لائينز تحت گهربل سڌارن تي عمل نه ٿيڻ سبب کيس اهو اعزاز وڃائڻو پيو.
