انسٽاگرام جو مصنوعي ذهانت سان ٺهيل اڪائونٽن خلاف ڪارروائي جو اعلان

لاہور/ڪراچي: مشهور فوٽو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان هلندڙ جعلي ۽ خودڪار اڪائونٽن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان نئين پاليسي جو مقصد پليٽ فارم تي جعلي سرگرميون روڪڻ ۽ صارفين کي حقيقي مواد فراهم ڪرڻ آهي.

انتظاميا واضح ڪيو آهي ته اهڙا اڪائونٽ جيڪي مصنوعي ذهانت ذريعي خودڪار طريقي سا�� پوسٽون ڪن ٿا يا واهبي طور تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن جي نگراني ڪئي ويندي. ضابطن جي خلاف ورزي صورت ۾ انهن خلاف فوري طور تي ضابطي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جيتوڻيڪ، ڪمپني اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته اهڙن اڪائونٽن کي فوري طور تي مڪمل طور تي بند نه ڪيو ويندو، پر انهن جي پهچ کي محدود ڪيو ويندو ۽ صارفين کي خبردار ڪيو ويندو ته جيئن سوشل ميڊيا تي شفافيت برقرار رهي سگهي.