شڪارپور/رستم: شڪارپور ۾ مهر ۽ جتوئي برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي واقعي دوران هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو آهي. گذريل ڏينهن ڳوٺ جمعو خان مهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جيتيءَ ۾ مهر برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان راحب مهر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پهرين خانپور ۽ بعد ۾ حالت نازڪ هجڻ ڪري سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي نوجوان جي وارثن موجب، واقعي وقت راحب پنهنجي زمين تان مال لاءِ گاهه ڪٽي رهيو هو ته جتوئي ڌر سان لاڳاپيل هٿياربندن اچانڪ حملو ڪري مٿس سڌيون گوليون وسائي ڏنيون.
زخمي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته هن حملي ۾ بدنام ڏوهاري گگو سعدخاناڻي جتوئي پنهنجن ساٿين سان گڏجي ملوث آهي. ياد رهي ته هن تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪجهه وقت اڳ سکر سرڪٽ هائوس ۾ ايم اين اي علي گوهر مهر جي سرپنچيءَ هيٺ هڪ وڏو جرڳو پڻ ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 60 خون ثابت ٿيا هئا. جرڳي جي فيصلي تحت ڌرين پاران خونن جي معاوضن جي پهرين قسط ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ وٽ جمع پڻ ڪرائي وئي هئي، ۽ پوليس ذريعن مطابق لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين تائين جي رقم بطور پهرين قسط جمع ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته ٻي قسط ڏنڊ جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي.
هوڏانھن ايم اين اي شهر��ار مهر جي هائوس جي ترجمان محبوب علي مهر موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومت جي مداخلت کان پوءِ جتوئي مهر تڪرار جو باقاعده جرڳو ڪيو ويو هو، پر ان جي باوجود جتوئي ڌر جا ماڻهو مسلسل معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي ڌر جي ماڻهن کي سختي سان روڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي طرف کان اڳڀرائي ڪئي ويندي ته حڪومت کي گهرجي ته سندց خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري. ٻئي طرف واقعي بعد شڪارپور پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ عالم سعدخاناڻي ۽ ڳوٺ ٿانهريو سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، پر پوليس جي پهچڻ کان اڳ ئي جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.
